رکيل ريلائي مخدوم

رکيل ريلائي مخدوم

رکيل ريلائي مخدوم

رکيل ريلائي، مخدوم: پنهنجي دور جي مشهور صوفي بزرگ مخدوم پير رکيل ريلائيءَ جو جنم 1830ع ڌاري تعلقي موري جي ڳوٺ درسن ڀرسان هڪ واهڻ ۾، پير خان محمد جي گهر ۾ ٿيو.
ريلائي پيرن مان هڪ پير خاوند ڏنو، ان وقت جي پڳدار مخدوم غلام حيدر اول پنهنجي سوٽيءَ سوٽ سان ڪاوڙجي دادو تعلقي جي سُچاري ڳوٺ جي ڀرسان اچي رهائش پذير ٿيو. پير خاوند ڏني پنهنجن ٻن پٽن: پير درل ۽ ڪريم ڏني مان پير ڪريم ڏني جي شادي پير خان محمد جي ڀيڻ سان ڪرائي. مخدوم پير خان محمد جي رحلت ان وقت ٿي، جڏهن سندس ٻئي فرزند اڃا ننڍڙا هئا، تنهنڪري اهي پير ڪريم ڏني جي سنڀال هيٺ رهيا. جنهن سندن پرگهور ۽ پرورش ڪئي. رکيل پير ننڍي هوندي کان فقيري طبيعت جو مالڪ هو ۽ صوفي ازم طرف رجحان گهڻو هوس ۽ ان وقت جي بزرگن، جهڙوڪ: پير ڪريم ڏني، گنبل پير، پليڏنو پير ۽ خيالي پير جي صحبت ۽ رهنمائي کيس فقيري پنڌ جو پانڌيئڙو بڻائي ڇڏيو. جوانيءَ ۾ مجازي عشق جي چوٽ سندس ان روحاني رغبت کي ويتر جلا بخشي. سندس زبان هميشه ذڪر ۽ فڪر ۾ مشغول هوندي هئي. دنيا جي لوڀ لالچ کان پاڪ ۽ پري رهندو هو. سندس حلقي ۾ هندو خواه مسلمان موجود هوندا هئا، جيڪي هزارن جي تعداد ۾ هئا. کاڌ خوراڪ، لباس ۽ پوشاڪ بلڪل سادا هوندا هئس. ڪلهن تي اڇي چادر هميشه رکندو هو. پاڻ سڄيءَ عمر شادي نه ڪيائين. مريدن کي اولاد سمان سمجهندو هو. ’الله توهار‘ سندس تڪيه ڪلام هوندو هو. سندس وفات 28 محرم تي ٿي هئي. پاڻ پنهنجي پياري مريد لونگ فقير بڙديءَ وٽ ترسيل هو ته بيماريءَ مٿس حملو ڪيو. مريدن جي تاڪيد تي پاڻ کي اتان کڻائي درگاهه تي پهتو، جتي 15-1914ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار دادو تعلقي ۾ پياري ڳوٺ اسٽيشن کان 4 ميل اولهندي طرف واقع آهي، جتي هر ماهه پهرئين سومر ۽ هر سال محرم الحرام جي 27، 28 ۽ 29 تي ميلو لڳندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو